سڃاڻپ: اسان جي علائقي جو معزز ماڻهوسائين عبدالقادر جکڙ (مرحوم)

وسري سارو لوڪ شال م وسرين تون.... اها هڪ اداس صبح هئي. اها صبح جنهن م ماڪ جي ڦڙن جهڙيون مينهن ڪڻيون وڻن جي پنن ۽ ماڻهن جي منهن تي وسي رهيون هيون ان ڌوپ ڪنارا جهڙي صبح ۾ ”راضي ديرو“ شهر جا جهونا ۽ ڊگها وڻ سيني ۾ سانڍيل غم ۾ نظر اچي رهيا هئا. اها صبح شايد ٻين کان وسري پر اها صبح مونکان نه وسرندي جنهن صبح جو هڪ اهڙو شخص اسان کان ڌار ٿي ويو جنهن ۾ پنهنجائپ هئي عشق هيو پنهنجائپ اهڙي جو اگر ڪو اجنبي سندس آرام گاھ ”اوطاق“تي اچي هو جڏهن ڪچهري ڪري ته سندس اڳيون حيرت ۾ پئجي وڃي ته شايد سالن جو ڄاتل سڃاتل آهي پنهنجائپ اهڙي جو اسان جو ”چاچو“ هو اسان هن کي چاچا ن بلڪ ”بابا“ چوندا هئاسين. سندس عشق ڪنهن کي سمجھ ۾ اچي يا ن پر آءُ سندس اکين ۾ ڏسندو هئس اهو عشق ان کي پنهنجي ڌرتي سان پنهنجي ٻولي پنهنجي ثقافت سان هيو. آءُ مٿي چئي آيو آهيان سندس پنهنجي ٻولي سان عشق مان هن جي اکين ۾ ڏٺو هو اسان جي خانداني ٻولي ”سرائڪي“ آهي مگر هي شخص هر هنڌ ”سنڌي“ ٻوليءۡ کي اهميت ڏيندو هو گهر هجي يا ٻاهر سندس پنهنجي ثقافت سان عشق بي حد هئو. هو جيڪو ڪراچيء جهڙي شھر ۾ اجرڪ ڪلهن تي رکي ائين گهمندو هو.جيئن ڀٽائي صاحب چيو آهي ت جا کهي کنيائين،تنهين وک ويجهي ڪئي، ڇڪي ڇنائي پنڌ مڙوئي پٻ جو شاھ ڪو شخص ايترو ب ديوانو ٿي سگهي ٿو جو پنهنجي ڪنهن خيال کي پکين جيان پالي سندن خيال رکي پنهنجي خوابن ۽ اوجاڳن جا داڻا ائين آڇي جيئن ڪو هاري هنج مان ٻارين ۾ ٻج ڇٽيندو هجي يا ڪو ٻار آڱرين تي پوپٽ ويهاريندو هجي ”بابا عبدالقادر“ سان ملڻ ۽ کيس سڃاڻڻ کان پوء محسوس ٿيندو هو ت اھڙا ماڻهو ب ٿيندا آهن جيڪي ٻاهر جي دنيا ۾ ب ايترو ئي رهندا آهن جيترو اندر جي دنيا ۾ رهندا آهن . زندگي موت کان پوء ۽ موت حيات کان اڳ جي معنيۡ وٺندا آھن موت جيڪو چهرن کان ماس ۽ اکين کان سپنا ڌار ڪري ڇڏيندو آهي. سندس اچانڪ موت کوڙ سارا سپنا ڇڏي هليو ويو آهي جيڪي ”پوئنر“اسان شايد پورا ڪري سگهون يا نه ت ڪر ڪيئن سئيء جي سير نه گهڙي سهڻي هت حياتيء ڏينهڙا، هڏهن تان نہ هئي هوئين هوء نہ مئي،پر ٻڏيء جي ٻيڻا ٿيا...... شاه صاحب

BLOG

علي رضا جکڙ

4/16/20261 منٽ وڻڻ

مقامي شخصيت